- Advertisement -
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، عام چونڊن ۾ پاڻ تي ڌانڌلي جا الزام لڳائيندڙن خلاف قانوني رستو اختيار ڪرڻ جو اعلان ڪندي فارم 45 سوشل ميڊيا تي جاري ڪري ڇڏيو.
جاري ڪيل بيان ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته اين اي 194 لاڙڪاڻي تي هڪ فراڊي شخص سندس ڪاميابي کي ڌانڌلي قرار ڏنو، هو پنهنجي تڪ ۾ ڌانڌلي جي الزامن کي غير سنجيده نه ٿو وٺي سگهي.
هن چيو ته فارم 47 موجب هن هڪ لک 35 هزار 112 ووٽ کنيا آهن ۽ سندس مخالف اميدوار تي هڪ لک کان وڌيڪ ووٽن جي سرسي حاصل آهي.
بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته عزت ۾ پنهنجي شڪست مڃڻ بدران هارايل شخص ڪوڙ ڳالهائڻ تي لهي آيو آهي، چونڊن ۾ ڌانڌلي ۽ بي ضابطگي جا الزام اهم نوعيت جو معاملو آهي ۽ ان کي سنجيده وٺڻ گهرجي.
هن چيو ته جيڪي ماڻهو چونڊن ۾ ڌانڌلي جا غلط الزام لڳائي رهيا آهن، اهي اصل ۾ انهن ماڻهن سان ناانصافي ڪري رهيا آهن جن جا الزام جائز نوعيت جا آهن .
بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته پيپلزپارٽي جمهوريت لاءِ پنهنجي قيادت ۽ ڪارڪنن جو رت ڏنو آهي.- Advertisement -
