- Advertisement -
بينڪنگ ڪورٽ صدر آصف علي زرداري خلاف داخل جعلي بينڪ اڪائونٽ عارضي طور بند ڪري ڇڏيو.
ڪراچي بينڪنگ ڪورٽ ۾ صدر آصف علي زرداري، فريال ٽالپر ۽ ٻين خلاف جعلي بينڪ اڪائونٽ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.
بينڪنگ ڪورٽ جو چوڻ هو ته آصف علي زرداري جيستائين صدر پاڪستان آهي سندس خلاف ڪيس جي ٻڌڻي نه ٿيندي.
وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته آصف علي زرداري صدر پاڪستان ٿي چڪو آهي، هن کي آئيني ڇوٽ حاصل آهي.
هن چيو ته فريال ٽالپر اسيمبلي جي اجلاس سبب مصروف آهي کيس حاضري کان ڇوٽ ڏني وڃي.
عدالت حاضري کان ڇوٽ جي درخواست منظوري ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 9 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.- Advertisement -
