تازه ترين
امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميا پاران ڪانگريس ۾ ووٽنگ کان بچڻ لاءِ ايران سان عارضي جنگبندي کي  ڇڪت... امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي سفارتڪاري جو رستو کليل رکڻ لاءِ تيار آهن پر امريڪا کي ڌمڪي وارو رويو تبديل ڪرڻو پوندو: عباس عراقچي امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي

تحريڪ انصاف ڊي چوڪ تي سوين ڪارڪنن جي شهادت واري دعويٰ تان هٿ کڻي وئي،

- Advertisement -
تحريڪ انصاف ڊي چوڪ تي سوين ڪارڪنن جي شهادت واري دعويٰ تان هٿ کڻي وئي، بئريسٽر گوهر جو چوڻ آهي ته ڪنهن به ليڊر کي ريلي سان گڏ اچڻ جو نه چيو هو، پي ٽي آءِ بانيءَ کي خبر  ئي نه هئي ته ڇا ٿيو هو، سندس  صحت بابت خبرون غلط آهن. اڊيالا جيل ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي بئريسٽر گوهر چيو ته فائنل ڪال بعد پي ٽي آءِ بانيءَ سان ملاقات ٿي، هن معاملا پارليامينٽ ۾ اٿارڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ بانيءَ جي صحت  بابت غلط خبرون هلايون ويون، هو بلڪل ٺيڪ آهي، بانيءَ کي مظاهري ۽ ٻين معاملن بابت ٻڌايو، کيس خبر ئي نه هئي ته ڇا ٿيو آهي. پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته پي ٽي آءِ بانيءَ کي رينجرز، پوليس ۽ پي ٽي  آءِ جي ٻارهن شهيدن بابت ٻڌايو، جيڪي سوين ماڻهو مرڻ جون ڳالهيون پيا ڪن، هو انهن کان لاتعلقي ڪن ٿا. بئريسٽر گوهر چيو ته گولي جنهن طرف کان به هلي هو ان جي مذمت ڪن ٿا، ڊي چوڪ تي اچڻ مقصد نه هو، نه ئي اڳواڻن کي چيو ويو ته سڀ ڊي چوڪ پهچو، پي ٽي آءِ تي ڪا به پابندي ناهي لڳي، هو سياسي جدوجهد جاري رکندا، پارٽي پنهنجو حساب ڪندي آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
30.7 ° C
30.7 °
30.7 °
10 %
1.7kmh
51 %
ڇنڇر
30 °
آچر
28 °
سُومر
27 °
اڱارو
27 °
اربع
30 °

تازه ترين خبرون