پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري طرفان ٽقافتي ڏهاڙي تي سنڌ جي عوام سميت ملڪ واسين کي مبارڪ

- Advertisement -
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ سنڌ جي  ثقافتي ڏهاڙي جون واڌايون ڏنيون آهن. ثقافتي ڏهاڙي تي جاري ڪيل بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هي ڏينهن سنڌو ماٿريءَ جي ڀرپور ثقافتي ورثي، شاندار روايت ۽ لازوال قدرن جو مظهر آهي. هن چيو ته ثقافت جو ڏهاڙو سنڌ جي لازوال ليگسي، ڀائيچاري، رواداري ۽ شموليت کي ظاهر ڪري ٿو، سنڌ صوفي بزرگن جي ڌرتي آهي، سنڌ جو اتحاد ڀائيچاري جو پيغام  دلين کي متاثر ڪندو آيو آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اجرڪ ۽ سنڌي ٽوپي رڳو ثقافتي اهڃاڻ نه پر سنڌ جي سڃاڻپ ۽ قدر جو ثبوت آهن. پ پ چيئرمين چيو ته اجرڪ ۽ سنڌي ٽوپي سندن لاءِ احترام، وقار ۽ فخر جي علامت آهن، سنڌ جي ثقافت کي محفوظ رکڻ ۽ هٿي ڏيڻ لاءِ وڌيڪ قدمن جي ضرورت آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڀٽائي، سچل ۽ قلندر جي محبت، انسانيت ۽ امن جا پيغام سنڌ جي سڃاڻپ جو روح آهن، پ پ سنڌ جي ثقافتي ورثي جي تحفظ لاءِ پرعزم آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
13.8 ° C
13.8 °
13.8 °
40%
0.6m/s
1%
سُومر
13 °
اڱارو
22 °
اربع
23 °
خميس
23 °
جمعو
20 °

تازه ترين خبرون