جيڪب آباد ۾ ليڪچرار طرفان وياجين کان تنگ ٿي آپگهات کانپوءِ پوليس وياجين خلاف ڪريڪ ڊائون جو فيصلو ڪري ورتو

- Advertisement -
جيڪب آباد ۾ ليڪچرار طرفان وياجين کان تنگ ٿي آپگهات کانپوءِ پوليس وياجين خلاف ڪريڪ ڊائون جو فيصلو ڪري ورتو. ايس ايس پي جيڪب آباد ضلعي جي ڊي ايس پيز ۽ ايس ايڇ اوز کي وياج خورن جي لسٽ جاري ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ايس ايس پي جي اهڙي حڪم بعد وياج خورن ۾ ٿرٿلو مچي ويو، ڪيترائي وياجي پاڻ کي بچائڻ لاءِ ڪوششن ۾ لڳي ويا. ذريعن موجب وياج خورن ۾ بااثر، عورتون، پوليس، تعليم کاتي جا ملازم به شامل آهن. ذريعن موجب ڪيترائي وياج خور شهر ڇڏي فرار ٿي ويا، گرفتارين جو پڻ امڪان آهي. واضح رهي ته ٻه ڏينهن اڳ ليڪچرار انور پنهيار وياج خورن جي ظلم کان تنگ ٿي ڦاهو کائي آپگهات ڪيو هو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
23.9 ° C
23.9 °
23.9 °
53%
5m/s
17%
آچر
33 °
سُومر
32 °
اڱارو
31 °
اربع
32 °
خميس
29 °

تازه ترين خبرون