- Advertisement -
آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته حاڪميت صرف الله جي آهي، دهشتگرد ڪهڙي شريعت ۽ دين جي ڳالهه ڪن ٿا، دهشتگردن کي پنهنجي ايجنڊا مڙهڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، نوجوانن کي پاڪستانيت جو جذبو اختيار ڪرڻ گهرجي، ملڪي خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي لاءِ پاڪ فوج جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي.
آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل عاصم منير سان مختلف يونيورسٽين ۽ ڪاليج جي شاگردن ملاقات ڪئي.
آءِ ايس پي آر موجب ملاقات دوران آرمي چيف جنرل عاصم منير شاگردن جو حوصلو وڌايو.
آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف پاڪستان تي ٻاهرين ماحول جي اثرن خاص خور سرحد پار دهشتگردي جي خطري تي به روشني وڌي.
آرمي چيف جنرل عاصم منير نوجوانن جي تخيليقي صلاحيتن جي ساراهه ڪندي چيو ته نوجوان پاڪستان جي مستقبل جي قيادت آهن.
آءِ ايس پي آر موجب ملاقات دوران آرمي چيف پاڪستان جي خودمختياري ۽ جغرافيائي سالميت جي تحفظ ۾ پاڪ فوج جي ڪردار کي اجاگر ڪيو.
آرمي چيف ملڪ کي دهشتگردي جي ناسور کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ ۾ قوم جي قربانين جو اعتراف ڪندي هٿياربند فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان گڏ عوام جي حمايت جي پڻ ساراهه ڪئي.
آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو ته تعليمي سرگرمين ۾ بهترين ڪارڪردگي ۽ ملڪي ترقي لاءِ هاڪاري ڪردار لاءِ مهارت حاصل ڪئي وڃي، نوجوان پاڪستان جي مستقبل جي قيادت آهن.
هن چيو ته پاڪستاني عوام خاص طور نوجوانن جو پاڪ فوج سان انتهائي مضبوط رشتو آهي، ملڪ دشمن عنصرن جي فوج ۽ عوام وچ ۾ ڏار وجهڻ جي ڪوشش هميشه ناڪام رهي آهي ۽ رهندي.
سندس چوڻ هو ته کين پنهنجي مذهب، ثقافت ۽ روايت تي فخر آهي، حاڪميت صرف الله جي آهي، دهشتگرد ڪهڙي شريعت ۽ دين جي ڳالهه ڪن ٿا،؟ هو ڪڏهن به دهشتگردن کي پنهنجي سوچ ملڪ تي مڙهڻ نه ڏيندا.
آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو ته ڪي پي ۽ بلوچستان جا وفادار ماڻهو دهشتگردن اڳيان ڀت بڻجي بيٺل آهن.- Advertisement -
