- Advertisement -
حڪومت آئيني ترميم تي جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان کي راضي ڪري ڇڏيو، جي يو آءِ جا شرط حڪومت مڃڻ تي راضي، آئيني ترميم جو حصو بڻايو ويندو، آئيني ترميم جو نئون مسودو مولانا فضل الرحمان کي موڪليو ويندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان مشروط رضامندي ظاهر ڪري ڇڏي.
ذريعن موجب، مولانا فضل الرحمان جا شرط حڪومت مڃڻ لاءِ تيار ٿي وئي، آئيني ترميمن جو حصو بڻايو ويندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته آئيني ترميمن جو نئون مسودو تيار ڪري مولانا فضل الرحمان کي اماڻيو ويندو.
ذريعن موجب، مولانا فضل الرحمان آئيني مسودو پارٽي مجلس شوريٰ ۾ پيش ڪندو، مولانا نئين مسودي تي مشروط رضامندي ظاهر ڪري ڇڏي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته مولانا فضل الرحمان جي حمايت حاصل ڪرڻ ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي اهم ڪردار ادا ڪيو.
ذريعن موجب، پيپلزپارٽي ئي حڪومت کي مولانا فضل الرحمان جي ڪيترين ئي ترميمن کي مڃڻ تي به راضي ڪيو.- Advertisement -
