- Advertisement -
حڪومت عوام کي عيد جو تحفو ڏيندي پئٽرول 10 رپيا 20 پيسا ۽ ڊيزل 2 رپيا 33 پيسا في لٽر سستو ڪري ڇڏيو آهي.
ناڻي واري وزارت طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، حڪومت پئٽرول 10 رپيا 20 پيسا ۽ ڊيزل 2 رپيا 33 پيسا في لٽر سستو ڪري ڇڏيو.
حڪومت طرفان پيٽروليم شين جي اگهن ۾ گهٽتائي بعد پيٽرول جي نئين قيمت 258 رپيا 16 پيسا ۽ ڊيزل جي نئين قيمت 267 رپيا 89 پيسا في لٽر مقرر ڪئي وئي آهي.
ناڻي واري وزارت طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته پيٽروليم شين جي اگهن ۾ گهٽتائي عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي ٿيڻ تي ڪئي وئي آهي.
ان کان اڳ وزيراعظم آفيس طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته وزيراعظم شهبازشريف عيد جي موقعي تي هڪ ڏينهن ۾ صنعتن لاءِ بجلي سستي ڪرڻ ۽ تيل جي اگهن ۾ گهٽتائي جا ٻه وڏا اعلان ڪيا آهن.
بيان ۾ چيو ويو ته پئٽرول جي قميت ۾ 10 رپيا 20 پيسا في لٽر گهٽتائي ڪئي آهي، جڏهن ته ڊيزل جي اگهه ۾ 2 رپيا 33 پيسا في لٽر لاٿ ڪئي وئي.
وزيراعظم آفيس موجب پهرين جون تي حڪومت پئٽرول جي اگهه ۾ 4 رپيا 74 پيسا ۽ ڊيزل 3 رپيا 86 پيسا في لٽر سستو ڪيو هو.
بيان ۾ چيو ويو ته هيل تائين پئٽرول جي في لٽر قميت ۾ عوام کي مجموعي طور 35 رپين جو رليف ڏنو ويو آهي.- Advertisement -
