تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

ذوالفقار مرزا ، آصف علي زرداري سان ٻيھر دوستي ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

اڳوڻي صوبائي گھرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا پراڻي دوست اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سان ٻيھر دوستي ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، سندس چوڻ آھي تھ پراڻن دوستن سان ٻيهر دوستي لاءِ ڪنهن به ڪوشش نه ڪئي آھي، نه ھو زرداري سان ٻيهر دوستي ڪرڻ چاهي ٿو ۽ نه ئي هن وٽ ايترو وقت آهي، جيڪڏھن سندس آصف زرداري سان ٻيھر دوستي ٿي وئي ته پوءِ ڪيترائي ماڻهو بيروزگار ٿي ويندا.

ڪراچيءَ جي دھشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ صحافين سان غير رسمي ڳالھھ ٻولھھ ڪندي ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا چيو تھ هاڻي چونڊ وڙهڻ جو ڪو ارادو ناهي، جيڪڏھن عوام چاھيو تھ پوءِ وڙھندس، جيڪڏهن حڪومت جي ڪارڪردگي ڄاڻڻ چاهيو ٿا ته  ڪنهن به عام ماڻهو کان پڇا ڪري سگهو ٿا.

سندس چوڻ ھو تھ پراڻن دوستن سان ٻيهر دوستي لاءِ ڪنهن به ڪوشش نه ڪئي آھي، نه ھو زرداري سان ٻيهر دوستي ڪرڻ چاهي ٿو ۽ نه ئي هن وٽ ايترو وقت آهي.

اڳوڻي صوبائي گھرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا چيو تھ جيڪڏھن سندس آصف زرداري سان ٻيھر دوستي ٿي وئي ته پوءِ ڪيترائي ماڻهو بيروزگار ٿي ويندا.

ھن چيو تھ پھريان ڏھاڙي ڪمائيندڙ جا 8 ڀاتي ماني کائي ويندا ھئا ھاڻي 2 ماڻھو به مشڪل سان ماني کائيندا ھوندا.

اڳوڻي صوبائي گھرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا چيو تھ سندن ضلعي ۾ 8 سال اڳ ھڪ اسپتال ٺھي ھئي جيڪا اڃا تائين مڪمل فنڪشنل ناھي ٿي سگھي، مريضن کي دوائون به نٿيون ملن…………….

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
22.1 ° C
22.1 °
22.1 °
24 %
1.1kmh
0 %
سُومر
22 °
اڱارو
28 °
اربع
28 °
خميس
29 °
جمعو
31 °

تازه ترين خبرون