- Advertisement -
رتيديري ويجهو ناري ساهرن جي مبينا زيادتين کان تنگ اچي آپگهات ڪري ڇڏيو.
بنگل ديري ۾ 25 ورهين جي نيلما زال دائود ساهرن جي مبينا زيادتين کان تنگ اچي گهر ۾ ڦاهو کائي زندگي جو انت آندو.
مقتول ناري جي مامي غلام نبي ڀـُٽي چيو ته 21 تاريخ تي سندس ڀاڻيجيءَ جي شادي رتيديري جي شھزاد ڪالوني واسي دائود پٽ عبدالعزيز ڀـُٽي سان ٿي هئي.
هن الزام هڻندي چيو ته مڙس پهرين رات کان سندس ڀاڻيجيءَ کي ذهني ٽارچر ڏئي تشدد ڪندو هو جنهن سبب هن آپگهات ڪيو آهي.- Advertisement -
