- Advertisement -
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي 27هين آئيني ترميم ۽ قومپرست اڳواڻن تي ڪيس داخل ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا.
ڪراچيءَ ۾ قومپرست ڪارڪنن ۽ وڪيل اڳواڻن پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.
احتجاج جي اڳواڻي جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊئي، سيد منير حيدر شاهه، عامر نواز وڙائچ ۽ ٻين ڪئي.
احتجاج ۾ شريڪ ڪارڪنن طرفان نعريبازي ڪئي وئي.
حيدرآباد ۾ قومپرست پارٽين ۽ وڪيلن طرفان طرفان روشن ٻرڙي، ديدار شام، ايڊووڪيٽ اسرار چانگ، ايڊووڪيت مير مڱرئي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي.
ميرپورخاص ۾ سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي لالا اظهر پٺاڻ، نور محمد مري، عابد ڪوري، ممتاز آريسر، محمد خان مري، واجد لغاري ۽ ٻين پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪيو.
نوابشاهه ۾ سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي چوڌري عارف آرائين، زين ڀٽو، ناصر شاهه ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ اسپتال روڊ کان نوابشاهه پريس ڪلب تائين احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
ڄامشوري ۾ ايس يو پي طرفان ميهڙ ڊيري کان ريلي ڪڍي شهر جو گشت ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي.
دادو ۾ 27هين ترميم خلاف ۽ اڳواڻن تي ڪيس داخل ٿيڻ خلاف احتجاج ڪندڙ 7 قومي ڪارڪنن کي پوليس گرفتار ڪري ورتو.
ٽنڊي محمد خان ۾ سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي بشير شاهه، عمران لغاري، ذوالفقار ڀرڳڙي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ اسٽيشن روڊ کان پيادل مارچ ڪري ڦليلي روڊ تي ڌرڻو هنيو ويو.
گمبٽ ۾ سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، پنهل سارئي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پيادل مارچ ڪيو ويو.
ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ۽ ٻين قومي شاهراهه کان پريس ڪلب تائين هڪ ڪلو ميٽر پيادل مارچ ڪري ريلي ڪڍي.
ٺٽي ۾ سنڌ ايڪشن ڪميٽيءَ جي سڏ تي جيئي سنڌ محاذ جي وائيس چيئرمين نواز شاهه ڀاڏائي، ضلعي صدر امجد شوري، بابو جان خشڪ، پورهيت مزاحمت تحريڪ جي اڳواڻ سلمان جاکري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ايڌي سينٽر کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.
سجاول ۾ سنڌ قومي پارٽي جي چيئرمين نواز خان زنئور، جسقم بشير خان گروپ جي محمد خان پٺاڻ، جيئي سنڌ محاذ جي نعمان شوري، ڪامريڊ يوسف ڪنڀار، وقار ميراڻي ۽ منظور ميمڻ جي اڳواڻي ۾ مامون لاڏو چوڪ کان ريلي ڪڍي پبلڪ پارڪ تي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.
مٽياري ۾ جسقم ضلعي صدر ذوالفقار ڏيٿو، قومي عوامي تحريڪ جي ضلعي صدر ماجد خاصخيلي، وڪيل اڳواڻ سجاد ڪلھوڙي، ثناءِ الله پھنور، شھزاد سمون، صدام کوسي ۽ ظفر خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو مظاھرو ڪيو ويو.
اڳواڻن وفاقي ۽ سنڌ حڪومت خلاف سخت نعريبازي ڪئي.
ڪنڌڪوٽ ۾ ايس يو پي، قومي عوامي تحريڪ، تحريڪ انصاف طرفان دلمراد، عزيز سومرو، ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ گهنٽا گهر چوڪ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.
شهدادڪوٽ ۾ سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي مختلف پارٽين طرفان حمل خشڪ، حبدار مير جت، الطاف سومرو، ذوالفقار مگسي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي ڪوٽو موٽو چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو.
سجاول ۾ سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي نواز خان زنئور، منظور ميمڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مامون لاڏو چوڪ کان ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو.
سانگهڙ ۾ تاج محمد مري، اڪبر مري، آزاد ڪنڀر، محمد خان پنهور، جبار جوڻيجي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
ميرپورماٿيلي ۾ قومپرست پارٽين طرفان ڊسٽرڪٽ هيڊ ڪوارٽر پريس ڪلب کان ريلي ڪڍي ڀٽائي چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو.
سن ۾ مختلف تنظيمن جي ڪارڪنن عطاءُ الله شاهاڻي، تراب علي شاهه، حسنين شاهه، نعمت الله سنڌي، سمي سولنگي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.
هالا ۾ ايس يو پي طرفان سهيل قريشي، بهار علي سهتو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي.
جمال شاهه ۾ شعبان زرداري، ضمير زرداري، ميرل شاهاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
وارهه ۾ مختلف قومپرست پارٽين طرفان شير محمد چانڊئي، محمد صلاح چانڊئي، ڪامرياڊ سرتاج ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ فاضل راهو چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي وئي.
تنگواڻي ۾ عبدالرزاق نندواڻي، هوران ڀلڪاڻي، ياسين، نصر الله نندواڻي، يونس ڏاهاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.
اڳواڻن جو چوڻ هو ته قومپرست اڳواڻن ۽ ڪارڪنن مٿان داخل ڪيل ڪوڙا ڪيس فوري طور تي ختم ڪيا وڃن.
سندن چوڻ هو ته 27هين آئيني ترميم کي عوام ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪندو، ترميم فوري طور تي واپس ورتي وڃي، ٻي صورت ۾ سموري سنڌ جو عوام روڊن تي هوندو….
- Advertisement -
