- Advertisement -
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ نينگري پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ سياسي سماجي ڌرين، اقليتي برادري ۽ شهرين پاران احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا.
ڪنڌڪوٽ ۾ هندو برادري پاران نينگري پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ ڊاڪٽر ميهر چندي، فقير گوڪل داس، رامچند، دليپ ڪمار ٺاڪر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
قبو سعيد خان ۾ ايس ٽي پي پاران غلام نبي چنو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نينگري پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
ڪنب ۾ نينگري پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ سچل ماڊل اسڪول جي شاگردن استادن پاران احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.
شاهپور جهانيا ۾ جسقم جي سڏ تي نينگري پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ ڪارڪنن پاران عبدالفتاح ٻگهيو، مولوي امام الدين، سرڪش مريد لغاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
باڊهه ۾ پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ جيئي سنڌ قومپرست پارٽي جي ڪارڪنن پاران دودو ديشي، هيمون ڀٽي، مرتضيٰ گوپانگ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
اڳواڻن جو چوڻ هو ته اڍائي سال گذرڻ باوجود پوليس نينگري کي بازياب ڪرائڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي وئي آهي.
هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته پريا ڪماري کي بازياب ڪرائي سندس وارثن مان بيچيني ختم ڪئي وڃي.- Advertisement -
