سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ڪوهيڙي جو راڄ، نظر جي حد گهٽجي وئي

- Advertisement -
سنڌ جي مختلف علائقن ۾ڪوهيڙي سبب نظر جي حد گهٽجڻ ڪري ٽريفڪ جي روانگي متاثر ٿي وئي آهي. ڪشمور ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ڪوهيڙي سبب نظر جي حد گهٽجي وئي آهي،  جنهن ڪري روڊن تي ٽريفڪ گهٽجي وئي آهي. موري شهر ۽ ڀرپاسي ۾ ڪوهيڙي جو راڄ برقرار آهي، ڪوهيڙي سبب موٽروي پوليس هيوي ٽريفڪ کي مختلف هنڌن تي روڪي ڇڏيو آهي. پڊعيدن ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڪوهيڙي سبب ٿڌ ۾ واڌ ٿيڻ شرط بجلي ۽ گيس مڪمل طور بند ٿيڻ جي ڪري شهري ٻٽي عذاب ۾ مبتلا ٿي ويا آهن. ميان صاحب، همايون، جاڳڻ، سلطان ڪوٽ، جهان واهه ۽ ٻين علائقن ۾ ڪوهيڙي سبب ٿڌ ۾ واڌ ٿي وئي آهي، جنهن ڪري ماڻهو گهرن تائين محدود ٿي ويا آهن پکو ۾ به ڪوهيڙي سبب نظر جي حد گهجڻ ڪري انڊس هاءِ وي تي ٽريفڪ جي روانگي متاثر ٿي وئي آهي. سرهاڙي ۽ شاهپور ۾ ڪوهيڙي جو راڄ برقرار آهي، نظر جي حد گهٽجڻ سبب ٽريفڪ جي روانگي معطل ٿي وئي آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
moderate rain
27.5 ° C
27.5 °
27.5 °
33%
6.7m/s
59%
اربع
25 °
خميس
24 °
جمعو
26 °
ڇنڇر
28 °
آچر
29 °

تازه ترين خبرون