- Advertisement -
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وڌيڪ 12 خاص مددگار ۽ 8 ترجمان مقرر ڪري ڇڏيا آهن، جن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.
جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، رضا هارون، تنزيلا قمبراڻي ۽ ڪلثوم چانڊيو کي خاص مددگار مقرر ڪيو ويو.
نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته ويرجي ڪولهي، محمد علي ڀٽو ۽ لياقت آسڪاڻي به خاص مددگار ٿي ويا آهن.
نوٽيفڪيشن موجب، امير حمزه رئيس ۽ خير محمد شيخ وڏي وزير جا مددگار خاص مقرر ٿي ويا.
نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته پير سيد افضل شاهه ۽ امان الله محسود کي خاص مددگار مقرر ڪيو ويو.
نوٽيفڪيشن موجب، محمد علي راشد ۽ حسين اسلم پڻ خاص مددگار مقرر ٿي ويا.
سنڌ سرڪار وڌيڪ 8 پارٽي اڳواڻن کي ترجمان مقرر ڪري ڇڏيو جن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.
جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، هير سوهو، سميتا افضل ۽ تحسين عابدي ترجمان مقرر ٿي ويا.
نوٽيفڪيشن موجب، اقربا فاطمه، نادر نبيل گبول ۽ سکديو آسرداس ترجمان مقرر ڪيا ويا آهن.
نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته بلند خان جوڻيجو ۽ مصطفيٰ عبدالله بلوچ کي به ترجمان مقرر ڪيو ويو آهي.- Advertisement -
