تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه 25 هزار خالي پوليس جون جايون ڀرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

- Advertisement -
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه صوبي ۾ 708 زبون حال ٿاڻن جي تعمير لاءِ 2 ارب رپين جي منظوري، سنڌ پوليس ۾ 25 هزار خالي پيل جايون ڀرڻ، ڪچي ۾ نفري وڌائڻ ۽ مغوين کي بازياب ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. ڪراچي ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت ۾ صوبي ۾ امن امان جي صورتحال بابت اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ سنڌ جي چيف سيڪريٽري ڊاڪٽر فخر عالم، ڊي جي رينجرز ميجر جنرل اظهر وقاص، گهرو سيڪريٽري، آءِ جي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. آءِ جي سنڌ طرفان، وڏي وزير کي  امن امان بابت بريفنگ ڏني وئي. آءِ جي سنڌ بريفنگ ڏيندي چيو ته ڪراچي ۾ 48 هزار پوليس اهلڪار ۽ ٿاڻن تي 12 هزار اهلڪار مقرر آهن. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ڪچي ۾ نفري وڌائڻ ۽ مغوين کي بازياب ڪرائڻ جي هدايت ڪئي. وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت سندس پهرين ترجيح آهي. وڏي وزير مراد علي شاهه طرفان ٿاڻن تي پوليس نفري وڌائي 12 هزار مان  24 هزار ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو. وڏي وزير چيو ته ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائيم جي صورتحال مان مطمئن ناهيان، ڪجهه عرصي کان ڪچي ۾ امن امان جي صورتحال به خراب آهي. مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته سکر ۽ لاڙڪاڻي جي ڪچي مان ڏوهارين کي ختم ڪرڻو آهي، بلوچستان جي حڪومت ٺهي ته پنجاب ۽ بلوچستان سان گڏجي ڏوهارين خلاف ڪارروائي ڪندا. وڏي وزير چيو ته  پوليس، رينجرز ۽ ٻيا ادارا صوبي کي منشيات کان پاڪ ڪن. مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته سندس پهرين ذميواري عوام  جي جان ۽ مال جي حفاظت ڪرڻ آهي. وڏي وزير چيو ته هو اسٽريٽ ڪرائيم جي صورتحال مان مطمئن نه آهي، ٿاڻن جي نفري وڌائي وڃي ته جيئن اسٽريٽ ڪرائم تي ڪنٽرول اچي سگهي، ٿوري محنت ڪندا ته اسٽريٽ ڪرائم تي ضابطو اچي ويندو…….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
27.6 ° C
27.6 °
27.6 °
15 %
3.6kmh
33 %
خميس
28 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
31 °
آچر
28 °
سُومر
27 °

تازه ترين خبرون