- Advertisement -
سنڌ سرڪار ڌاڙيلن، اسٽريٽ ڪرائيم ۽ منشيات خلاف ڪارروايون تيز ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، شرجيل ميمڻ جو چوڻ آهي ته 15 ڏينهن دوران 13 مغوين کي بازياب ڪرايو ويو آهي، ڪچي ۾ ڏوهارين خلاف ٽارگيٽيڊ آپريشن ڪيو پيو وڃي، ڪچي جون حالتون بهتر ٿيون آهن، جلد امن امان بحال ڪيو ويندو.
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شرجيل ميمڻ چيو ته نگران حڪومت جي دور ۾ بدامني ۾ اضافو ٿيو، چونڊيل حڪومت جي اچڻ سان ئي بهتري آئي آهي.
هن چيو ته ڪچي ۾ آپريشن هلي رهيو آهي، گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار ۽ آءِ جي سنڌ ڪچي جي علائقن جا دورا ڪري رهيا آهن، هڪ هفتي دوران ڪچي ۾ 6 ڏوهاري مارجي ويا آهن، امن امان جي صورتحال ۾ سئو سيڪڙو نه پر ڪافي بهتري آئي آهي، ڌاڙيلن جي سرپرستي ڪندڙن خلاف به ڪاروائي ڪئي ويندي.
سندس چوڻ هو ته آپريشن دوران 15 ڏينهن دوران گهوٽڪي مان اٺن ۽ ڪشمور مان پنجن مغوين کي بازياب ڪرايو ويو آهي.
شرجيل ميمڻ چيو ته ڪچي ۾ پوليس ۽ رينجرز ڪم ڪري پئي، نتيجا ملي رهيا آهن، ضرورت پوڻ تي فوج کان به مدد ورتي ويندي، ايم ڪيو ايم وٽ تعصب کانسواءِ ڪجهه ناهي، امن تي خدشا ظاهر ڪري سگهجن ٿا پر سياسي پوائنٽ اسڪورنگ نه هجڻ گهرجي، کين عوام جي تڪليف جو احساس آهي.
هن چيو ته اسٽريٽ ڪرائيم ۾ غيرقانوني پرڏيهي ملوث آهن، آپريشن دوران اسٽريٽ ڪرائيم ۾ ملوث 11 جوابدار ماريا ويا ۽ 60 گرفتار ڪيا ويا آهن، غيرقانوني پرڏيهين کي ڪڍڻ حڪومت جي پاليسي آهي، ڪا به حڪومت بدنامي نه چاهيندي، سنجيدگي سان ڪوششون ورتيون پيون وڃن.
هن ٻڌايو ته آپريشن دوران ڪراچي جي اولھه ضلعي ۾ راجا گينگ جا 7 جوابدار، سينٽرل ۾ 7 ۽ ڪياماڙي ۾ 6 جوابدار گرفتار ڪيا ويا آهن.
صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو ته منشيات پوري ملڪ جو مسئلو آهي، ڪرسٽل ۽ آئيس خطرناڪ منشيات آهي، اهڙن ڪيسن ۾ والدين، ڀائر ڀينرن ۽ پاڙيسرين خلاف مارڻ جا واقعا ٿي رهيا آهن، پوليس جو سهڪار حاصل آهي، والدين پنهنجي ٻارڙن جي اٿ ويھه تي نظر رکن.
هن چيو ته هو اسڪولن ۾ پرنسپلز سان ملاقاتون به ڪندا ۽ قانون ۾ به تبديلي آندي ويندي، آئس استعمال ڪندڙ آپگهاتي بمبار کان گهٽ ناهن.
صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو ته پوليس حيدرآباد ۾ وڏي مقدار ۾ منشيات پڪڙي آهي، ان جي ڪوشش ساراهه جوڳي آهي، ايڪسائيز پوليس به 49 ڪاروايون ڪري منشيات هٿ ڪئي آهي.
هن چيو ته ڪراچي پوليس 188 منشيات وڪرو ڪندڙ پڪڙي منشيات هٿ ڪئي آهي، گذري ۾ ڪرسٽال ڊيلر کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو، نائيجيريا شهري اونيڪا کي به لاهور کان ٽرين ذريعي ايندي پڪڙيو ويو، منشيات جي خاتمي ۾ ميڊيا ۽ سول سوسائٽي ساٿ ڏي.
شرجيل ميمڻ چيو ته ٽرانسپورٽ ۾ قيادت جي هدايت تي اڳڀرائي ڪري رهيا آهن، فريال ٽالپر عورتن جي پنڪ بس تي گهڻي بهتري ۽ نيٽ ورڪ وڌائڻ جي هدايت ڪئي آهي، 19 اپريل تي پنڪ بس جا ٻه نوان روٽ شروع ڪيا ويندا ۽ 20 اپريل تي ميرپورخاص ۾ پيپلز بس شروع ڪئي ويندي، اورنج ۽ گرين لائن جي مفت شٽل سروس به شروع ڪندا، ريڊ لائن تي به رهيل ڪم جلد شروع ڪيو ويندو، اميد ته اپريل جي آخر ۾ نيون بسون به اچي وينديون.
سندس چوڻ هو ته پ پ جي عوامي حڪومت ييلو لائن منصوبي تي به ڪم شروع ڪري رهي آهي……- Advertisement -
