- Advertisement -
سنڌ جي چيف سيڪريٽري، اينٽي ڪرپشن جي 11 آفيسرن کي ترقي ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.
چيف سيڪريٽري سيد آصف حيدر شاهه جي صدارت هيٺ اينٽي ڪرپشن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اينٽي ڪرپشن جي چيئرمين فرحت جوڻيجي سميت ٻين شرڪت ڪئي.
اجلاس ۾ اينٽي ڪرپشن جي 11 آفيسرن کي ترقي جي منظوري ڏني وئي.
انسپيڪٽر زاهد حسين ميراڻي ۽ سرفراز شاهه کي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر جي عهدن تي ترقي ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي.
اجلاس ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر اسد علي ڪورائي کي ڊپٽي ڊائريڪٽر طور منظوري ڏني وئي.
اجلاس دوران اٺن اسسٽنٽ کي گريڊ سترهين ۾ آفيس سپريڊنٽ طور ترقي ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي.- Advertisement -
