- Advertisement -
سنڌ سرڪار نيٺ گوڏا کوڙيندي صوبي جي عوام مٿان زرعي ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
آءِ ايم ايف جي شرط تي زرعي ٽيڪس لاڳو ڪرڻ بابت وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اسيمبلي ميمبرن کي اعتماد ۾ ورتو.
زرعي ٽيڪس آمدنيءَ مٿان لاڳو ڪرڻ جي تجويز آهي، ٽيڪس گهٽ ۾ گهٽ پندرهن ۽ وڌ کان وڌ 45 سيڪڙو تائين ڪئي ويندي.
پنجاب ۽ خيبرپختونخوا به زرعي ٽيڪس لاڳو ڪري چڪا آهن.
پ پ جي چونڊيل نمائندن قيادت جي فيصلن تي خدشن جو اظهار ڪندي چيو ته سنڌ ۾ عوام زراعت تي گذارو ڪري ٿو، هن فيصلا سان پ پ کي عوام جي ناراضگيءَ کي ڀوڳڻو پوندو.
هوڏانهن وڏي وزير سنڌ ڪابينا جو اجلاس به سڀاڻي طلب ڪري ورتو آهي، جنهن ۾ زرعي ٽيڪس بابت قانوني مسودي جي منظوري ڏني ويندي……- Advertisement -
