سنڌ سرڪار، سنڌو درياهه مان ڪئنال ڪڍڻ خلاف آئيني عدالت سان رابطو ڪرڻ جو اعلان

spot_img
سنڌ سرڪار، سنڌو درياهه مان ڪئنال ڪڍڻ خلاف آئيني عدالت سان رابطو ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، ارسلان اسلام شيخ جو چوڻ آهي ته سنڌو درياهه مان ڪئنال ڪڍڻ خلاف جلد آئيني عدالت سان رابطو ڪيو ويندو، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاڻي وارو معاملو گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ اٿاريو آهي، سنڌ جي پاڻي جي هڪ ڦڙي تي به سوديبازي نه ڪئي ويندي. سنڌ حڪومت جي ترجمان ۽ سکر جي ميئر ارسلان اسلام شيخ نارا ڪينال تي جاري ترقياتي ڪمن جو جائزو ورتو آهي. ترقياتي ڪمن جي جائزي بعد پريس ڪانفرنس ڪندي ارسلان اسلام شيخ چيو ته سنڌ جي پاڻيءَ جي هڪ ڦڙي تي به سوديبازي نه ڪندا. سندس چوڻ هو ته وڏي وزير سيد مراد علي شاهه گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ هن معاملي کي اٿاريو آهي، جيڪڏهن سي سي آءِ مان معاملو حل نه ٿيو ته آئيني عدالت کان ويندي عوامي عدالت تائين پيپلز پارٽي جا دروازا کليل آهن. سنڌ حڪومت جي ترجمان ۽ سکر جي ميئر ارسلان اسلام شيخ چيو ته نارا ڪئنال جي 2 ڪلوميٽر پچنگ ۽ لائٽنگ جو ڪم جاري آهي، جيڪو رڪارڊ مدت ۾ مڪمل ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته هن منصوبي تي 2 ارب 80 لک رپين جي لاڳت جو ڪاٿو لڳايو ويو آهي، منصوبو مڪمل ٿيڻ کانپوءِ نارا ڪئنال جي گنجائش 13 هزار 649 ڪيوسڪ مان وڌائي 18 هزار ڪيوسڪ تائين پهچائي ويندي. سنڌ حڪومت جي ترجمان ارسلان اسلام شيخ چيو ته نارا ڪينال جي گنجائش وڌائڻ سان 8 کان 9 ضلعن کي فائدو ٿيندو ۽ زراعت ترقي ڪندي، منصوبي کي فيبروري جي پهرين هفتي ۾ مڪمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪن پيا، 7 جنوري تي ڪم جي شروعات ڪئي 21 ڏينهن اندر 95 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي……….

لاڳاپيل خبرون

spot_img
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
10 ° C
10 °
10 °
26%
1.4m/s
1%
اڱارو
10 °
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
18 °

تازه ترين خبرون