تازه ترين

سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي هڪ مهيني لاءِ ملتوي

- Advertisement -
سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي هڪ مهيني لاءِ ملتوي ڪئي وئي آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. عدالت پاران وڪيل پيش نه ٿيڻ تي سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني ۽ ٻين تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو. جوابدارن جي وڪيلن جي پيش نه ٿيڻ تي عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي. عدالت ٻاهران ڳالهائيندي سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني جو چوڻ هو ته افغانين سميت سمورن پناهگيرن کي ملڪ بدر ڪيو وڃي سندس چوڻ هو ته اڳ ۾ ئي سنڌ اسيمبلي جي فلور تي چئي چڪو آهيان ته سمورن پناهگيرن کي ملڪ بدر ڪيو وڃي آغا سراج دراني چيو ته جيڪڏهن   ڪنهن وٽ منهنجي خلاف افغان پناهگيرن جي سرپرستي جا ثبوت  آهن ته اهي پيش ڪيا وڃن، بنا ڪنهن ثبوت جي تنقيد ڪئي پئي وڃي. سندس چوڻ هو ته اليڪشن ڪميشن پاران چونڊن جي تاريخ اعلان جو انتظار آهي، پيپلز پارٽي اليڪشن لاءِ تيار آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ آغا سراج دراني چيو ته ملڪ جو ايندڙ وزيراعظم بلاول ڀٽو زرداري ٿيندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
3 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
scattered clouds
32.1 ° C
32.1 °
32.1 °
13 %
1.9kmh
49 %
سُومر
32 °
اڱارو
33 °
اربع
33 °
خميس
33 °
جمعو
33 °

تازه ترين خبرون