- Advertisement -
سنڌ هائيڪورٽ جي چيف جسٽس عقيل عباسي جي صدارت هيٺ صوبي ۾ امن امان جي صورتحال، ڪراچي ۾ سيف سٽي، اسٽريٽ ڪرائيم ۽ ٻين معاملن بابت اهم اجلاس ٿي رهيو آهي.
سنڌ هائيڪورٽ جي رجسٽرار موجب، سنڌ هائيڪورٽ جي چيف جسٽس عقيل احمد عباسي جي صدارت هيٺ اجلاس منجهند 2 وڳي ٿيندو.
اجلاس دوران سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال، ڪراچي ۾ سيف سٽي، اسٽريٽ ڪرائم ۽ ٻين معاملن غور ويچار ڪيو ويندو.
اجلاس ۾ ڊي جي رينجرز، ڪراچي، سکر ۽ لاڙڪاڻي ڊويزن جا ڊي آءِ جيز شرڪت ڪندا.
سنڌ هائيڪورٽ جو رجسٽرار، سيڪريٽري سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ ٻيا عملدار به اجلاس ۾ شريڪ ٿيندا.
سنڌ هائيڪورٽ جي رجسٽرار طرفان گهوٽڪي، سکر، ڪشمور ڪنڌ ڪوٽ ۽ شڪارپور جي ايس ايس پيز کي به ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪيو ويو آهي.
رجسٽرار طرفان سنڌ هائيڪورٽ بار ڪراچي، صدر ڪراچي بار، صدر ملير بار، صدر ڪشمور ڪنڌڪوٽ بار ، صدر سکر بار ۽ صدر شڪار پور بار کي به دعوت ڏني وئي آهي.
اجلاس دوران سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال، گهوٽڪي، ڪشمور ڪنڌڪوٽ ۽ شڪارپور جي ڪچي، ڪراچيءَ ۾ اسٽريٽ ڪرائيم ۽ سيف سٽي بابت اهم فيصلا ڪيا ويندا.- Advertisement -
