- Advertisement -
سنڌ هائيڪورٽ ٽن سڳن ڀائرن سميت ڊگهي عرصي کان گم ٿيل ماڻهن جي بازيابيءَ بابت درخواستن تي وفاقي گهرو سيڪريٽري ۽ ٻين کان رپورٽ طلب ڪندي چئن هفتن ۾ پتو لڳائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
سنڌ هائيڪورٽ ۾ ٽن سڳن ڀائرن سميت ڊگهي عرصي کان گم ٿيل ماڻهن جي بازيابيءَ بابت درخواستن جي ٻڌڻي ٿي.
ٻڌڻي دوران درخواست ڏيندڙن چيو ته شهري نعيم الله 2015ع کان منگهوپير جي علائقي مان گم آهي، طارق خان 2016ع کان لانڍي ۽ طاهر ريحان 2016ع کان سينٽرل جيل مان آزادي بعد گم آهي.
درخواست ڏيندڙ چيو ته 3 سڳا ڀائر مسعود علي جنيدي، طلحه علي ۽ معظم علي جنيدي 2017ع کان سچل واري علائقي مان گم آهن.
درخواست ڏيندڙ چيو ته شهري ظهير علي حيدرآباد واري علائقي ڦليلي مان گم ٿيو آهي.
عدالت ايف آءِ اي کان شهرين جي ٽريول هسٽري طلب ڪري ورتي.
عدالت پاران جي آءِ ٽيز ۽ ٽاسڪ فورس جا اجلاس جاري رکڻ جو حڪم ڏنو ويو.
عدالت وفاقي گهرو سيڪريٽري ۽ ٻين کان رپورٽ طلب ڪندي چئن هفتن ۾ گم ٿيل ماڻهن جو پتو لڳائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
عدالت پاران گم ٿيل ماڻهن جو پتو لڳائڻ لاءِ ماڊرن ڊوائيسز ۽ جديد ٽيڪنالاجي جو سهارو وٺڻ جو به حڪم ڏنو ويو- Advertisement -
