- Advertisement -
سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ طرفان سڀاڻي کان ڪتابن جي ورهاست جو عمل شروع ڪيو پيو وڃي، پر هن مهل تائين ڪتابن جي ڇپائيءَ جا حتمي انگ اکر ظاهر نه ٿي سگهيا آهن
ڪتابن جي ورهاست بابت ڄامشوري ۾ ميڊيا بريفنگ دوران چيئرمين ڇپائي جا انگ اکر ٻڌائڻ بدران مجموعي طور ڪتابن جي لسٽ جاري ڪئي.
بورڊ هن وقت تائين ٽن ٽرينڊر ڪرڻ باوجود ڪيترا ڪتاب ڇپائي چُڪو آهي مڪمل آرڊر مان ڪيترائي ڪتاب ڇپجي بورڊ وٽ پهتا آهن ان جا انگ اکر سوال ڪرڻ باوجود نه ملي سگهيا.
سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ڄامشورو جي چيئرمين عبدالعليم لاشاري ميڊيا بريفنگ ۾ چيو ته بورڊ جو ڪم وقت ۽ حالتن جي حساب سان ڪتابن ۾ بهتري آڻڻ، ڪتابن جي ڇپائي ڪرڻ، ورھائڻ ۽ مارڪيٽ ۾ آڻڻ هوندو آهي، جنهن جي شروعات ٽينڊر سان ٿيندي آهي.
هن چيو ته ٽينڊر هن ڀيري ڪجهه مجبورين ۽ عدالتي معاملن سبب دير سان ٿيو، پهريون ٽينڊر هلندڙ سال مئي، ٻيون ۽ ٽيون ٽينڊر جون ۾ ٿيو، ڪتابن جي ڇپائي وارو عمل هڪ مهيني ۾ مڪمل ٿيڻ مشڪل هو.
سندس چوڻ هو ته ٽيم ۽ پبلشرن جي ساٿ سان وقت کان اڳ ڪتاب ڇپائي ورتا آهن، سنڌ جي سرڪاري اسڪولن لاءِ 44 لک 53 هزار ڪتابن جا سيٽ تيار ڪري ورتا آهن، جن جي ورھاست 31 جولائي کان شروع ڪئي ويندي ۽ اهو عمل 15 آگسٽ تائين مڪمل ڪيو ويندو.
عبدالعليم لاشاري چيو ته ڪتابن جي ڇپائي وارو ڪم 80 سيڪڙو مڪمل ٿي چڪو آهي، ڪتاب گودامن ۾ پهچڻ شروع ٿي ويا آهن، جن جا سيٽ به تيار ٿي ويا آهن، گذريل سال جي ڀيٽ ۾ هن ڀيري ٻيڻا ڪتاب ڇپايا ويا آهن، جن جو انگ 2 ڪروڙ 43 لک آهي.
هن چيو ته تعليم واري صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه ۽ سيڪريٽري اسڪولز زاهد عباسي جو ڀرپور سهڪار رهيو، جنهن سان ئي ڏکيائن باوجود ڪتابن جي ڇپائي وارو عمل مڪمل ڪيو ويو آهي.
عبدالعليم لاشاري چيو ته گذريل سال ڊالر جو اگهه وڌڻ، مهانگائي ۽ پيٽرول جا اگهه وڌڻ سبب ڪتابن جي گهٽ ڇپائي ٿي ۽ ڪتابن جي کوٽ جون شڪايتون سامهون آيون پر هن ڀيري ڪتاب ٻيڻ تي وڌيڪ ڇپايا آهن…..- Advertisement -
