تازه ترين

سنڌو درياهه تي نوان ڊيم ۽ ڪئنال ڪنهن به صورت ۾ ٺاهڻ نه ڏينداسين:ڊاڪٽر قادر مگسي

- Advertisement -
سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي ته سنڌو درياهه تي نوان ڊيم ۽ ڪئنال ڪنهن به صورت ۾ ٺاهڻ نه ڏيندا، ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪئي ويندي، سنڌ جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ ڌاڙيل راڄ آهي، حڪمران ڌر جا چونڊيل نمائندا ڌاڙيلن جي سرپرستي ڪري رهيا آهن، حڪمران ڪرپشن پيا ڪن، عوام بک، بدحالي ۽ بيروزگاري جو شڪار آهي، سنڌ هميشه محبتن جي امين رهي آهي، انتهاپسندي جي خلاف آهن، سنڌ ۾ سازش تحت نفرتون پکيڙيون پيون وڃن. حيدرآباد ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي 30 هين قومي ڪانگريس ڊاڪٽر قادر مگسي جي صدارت هيٺ جاري  آهي. قومي ڪانگريس ۾ ايندڙ ٻن ورهين لاءِ چيئرمين سميت مرڪزي عهديدارن جي چونڊ ڪئي ويندي. ڪانگريس ۾ سڄي سنڌ مان 458 ڊيليگيٽس شريڪ آهن. قومي ڪانگريس کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته ملڪ هن وقت بدترين بحران ۾ ڦاٿل آهي، ناڪاره پاليسين ۽ نااهلي سبب ملڪ هن صورتحال تي پهتو آهي. سندس چوڻ هو ته سنڌو درياهه تي نوان ڊيم ۽ ڪئنال ڪنهن به صورت ۾ ٺاهڻ نه ڏيندا، ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪئي ويندي. ايس ٽي پي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته سنڌ جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ ڌاڙيل راڄ آهي، حڪمران ڌر جا چونڊيل نمائندا ڌاڙيلن جي سرپرستي ڪري رهيا آهن، حڪمران ڪرپشن پيا ڪن، عوام بک، بدحالي ۽ بيروزگاري جو شڪار آهي. ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته سنڌ هميشه محبتن جي امين رهي آهي، انتهاپسندي جي خلاف آهن، سنڌ ۾ سازش تحت نفرتون پکيڙيون پيون وڃن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
26.7 ° C
26.7 °
26.7 °
39 %
5.9kmh
0 %
سُومر
34 °
اڱارو
35 °
اربع
33 °
خميس
31 °
جمعو
30 °

تازه ترين خبرون