تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سنڌو درياهه جي پاڻي جو سودو صدر آصف زرداري، پ پ ۽ گڏيل حڪومت ڪيل آهي: سيد زين شاهه

- Advertisement -
ايس يو پي صدر سيد زين شاهه چيو آهي ته سنڌو درياهه جي پاڻي جو سودو صدر آصف زرداري، پ پ ۽ گڏيل حڪومت ڪيل آهي. جيڪب آباد بار ۾ آجياڻي کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي سيد زين شاهه چيو ته اهي سنڌو نديءَ جي 40 سيڪڙو پاڻيءَ جو سودو ڪري آيا آهن، موجوده سنڌ جي ڪمانڊ ايريا تباهه ٿيندي. سندس چوڻ هو ته موجوده سنڌ جي سوا ڪروڙ ايڪڙ زمين مان 40 سيڪڙو زرعي زمين بنجر بڻجي ويندي. زين شاهه جو چوڻ هو ته چولستان گريٽر ٿل ڪئنال تي پنجاب جون نيون وارياسي زمينون آباد ٿينديون. سندس چوڻ هو ته سڄو پاڪستان سائو ٿئي اهي خوش آهن پر آصف زرداري کي سنڌ جي پاڻي جو سودو ڪرڻ تي شرم اچڻ گهرجي. زين شاهه چيو ته آصف علي زرداري، پيپلز پارٽي ۽ حڪمران جماعت سنڌو جو سودو ڪيو، کين شرم اچڻ گهرجي. هن چيو ته ٽڪي جي اقتدار ۽ احتساب ۾ رعايت وٺڻ لاءِ سنڌ دشمني ڪري سنڌو جو سودو ڪيو ويو. زين شاهه جو چوڻ هو ته سنڌ جي ايندڙ نسلن ۽ سنڌو نديءَ جي هزارين سال تهذيب دفن ڪرڻ جي مذمت ڪن ٿا. زين شاهه جو چوڻ هو ته آصف علي زرداري 2012ع ۾ سنڌ اسيمبلي مان قانون پاس ڪرائي سنڌ جي ورهاڱي جي ڪوشش ڪئي. زين شاهه چيو ته سنڌو بچايو تحريڪ لاءِ بيداري موومينٽ ڪريون ٿا، عوامي رابطا مهم لاءِ جيڪب آباد پهتو آهيان………
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
22.5 ° C
22.5 °
22.5 °
28 %
1.7kmh
57 %
جمعو
22 °
ڇنڇر
23 °
آچر
25 °
سُومر
27 °
اڱارو
28 °

تازه ترين خبرون