تازه ترين

سپريم ڪورٽ ايف آءِ اي پاران ججن تي تنقيد ڪرڻ سبب صحافين کي موڪليل نوٽيس فوري طور واپس وٺڻ جو حڪم

- Advertisement -
سپريم ڪورٽ ايف آءِ اي پاران ججن تي تنقيد ڪرڻ سبب صحافين کي موڪليل نوٽيس فوري طور واپس وٺڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهيءَ ۾ 3 رڪني بينچ صحافين کي هيسائڻ بابت پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پڇاڻو ڪيو ته ڪيترا ڪيس آهن؟ جنهن تي اٽارني جنرل چيو ته هي چار درخواستون آهن جن ۾ قيوم صديقي ۽ اسد درخواست ڏيندڙ آهن. چيف جسٽس چيو ته قيوم صديقي ٻڌائي ته ڪيس پاڻ هلائڻو آهي يا پريس ايسوسيئيشن جو صدر دليل ڏيندو؟ جنهن تي عبدالقيوم صديقي چيو ته هو ڪجهه حقيقتون سامهون رکڻ چاهي ٿو. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ رمارڪس ڏيندي چيو ته قدرت جو نظام ڏسو، ته هنن پاڻمرادو نوٽيس عدالت نمبر 2 ۾ ورتو پر معاملو 5 رڪني بينچ وٽ پاڻمرادو نوٽيس اختيار لاءِ هليو ويو، 5 رڪني بينچ طئه ڪيو ته 184 ٽي جو پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ جو اختيار رڳو چيف جسٽس جپ آهي، صحافين کي ئي نه پر ججن کي به اظهار جي آزادي آهي. چيف جسٽس چيو ته عبدالقيوم صديقي اوهان ته چيو هو ته اوهان ڪيس کي هلائڻ ئي نٿا چاهيو، جنهن تي عبدالقيوم صديقي چيو ته جڏهن معاملو جسٽس اعجاز الحسن جي بينچ وٽ ويو ته هن چيو ته هو ڪيس نه ٿو هلائڻ چاهي. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته صحافين جي شڪايت کي ڏٺو ئي نه ويو هو، سپريم ڪورٽ ڪيس اڪلائڻ بدران 2021ع کان سردخاني ۾ رکيو، عبدالقيوم صديقي ٻڌايو ته ان وقت اوهان جي درخواست ڪهڙي هئي ۽ هاڻي ڇا آهي؟. چيف جسٽس چيو ته يا ته سرڪار چوندي آهي ته هو پهريان پنهنجي اداري جي ڳالهه ڪندو، ڪيستائين ماضي جي غلطين کي ورجائيندا؟ مٿس تنقيد ڪندا ته کيس پنهنجي غلطي معلوم ٿيندي. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ اٽارني جنرل کان پڇاڻو ڪيو ته اهي شڪايتون ٻڌڻي لاءِ مقرر ڇو نه ٿيون آهن، دنيا ۾ زنده قومون ماضي جي غلطين مان سکنديون آهن، زنده قومون ماضي مان سکنديون آهن ۽ هو چوندا آهن بس اڳتي وڌو. جسٽس محمد علي مظهر چيو ته ايف آءِ اي به رپورٽ ڏني هئي ته ڪنهن به صحافي خلاف ڪارروائي نه ٿي رهي آهي، ايف آءِ اي پراڻي ڪارروائين بابت ڪو به جواب نه ڏنو هو. چيف جسٽس چيو ته اسد طور کان پڇا ڪريو ته ڇا اهي ماڻهو پڪڙيا ويا جن تشدد ڪيو هو؟ اسد طور ڇا اوهان انهن ماڻهن جا چهرا سڃاڻي سگهو ٿا؟ اسد طور چيو ته جن تشدد ڪيو اهي پڪڙيا ئي نه ويا هئا، اڄ به ڏسي سڃاڻي سگهي  ٿو، جنهن تي چيف جسٽس پڇا ڪئي ته ڇا تشدد ڪندڙن جا خاڪا ٺاهيا ويا هئا؟ اسد طور چيو ته خاڪا ته ٺاهيا ويا هئا پر جيو فينسنگ نه ڪئي وئي هئي. جسٽس مسرت هلالي چيو ته سوشل ميڊيا ادارن کي تمام گهڻو نقصان پهچايو آهي، جيڪڏهن آرٽيڪل 19 جو خيال آهي ته پوءِ ڪجهه خيال آرٽيڪل 14 جو به ڪريو. اٽارني جنرل سپريم ڪورٽ کي يقين ڏياريو ته تنقيد ڪرڻ تي ڪنهن به صحافي خلاف ڪارروائي نه ڪئي ويندي. چيف جسٽس چيو ته جيڪڏهن ڪنهن صحافي کي رڳو تنقيد ڪرڻ تي گرفتار ڪيو وڃي ته اهو غلط آهي. صحافي عبدالقيوم صديقي چيو ته وفاقي حڪومت کان اهو به پڇيو وڃي ته جي آءِ ٽي ڪنهن جي درخواست تي ٺاهي وئي ڇو ته ان بابت ڪيتريون ئي اڳڪٿيون آهن. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته هو انهن کي به حق ڏياريندا جيڪي سندن سامهون نه آهن، پاڻ تي تنقيد کي ڀليڪار چوان ٿو، ڪجهه ڳالهيون قائداعظم جون ڪري ٿا وٺون. جسٽس مسرت هلالي چيو ته هنن ته قائداعظم جو به مذاق اڏايو آهي. صحافي مطيع الله جان چيو ته ارشد شريف جي قتل جو پاڻمرادو نوٽيس مقرر ڪيو وڃي، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته ارشد شريف جو ڪيس به ايندڙ ٻڌڻي تي ڳنڍجي سگهي ٿو. سپريم ڪورٽ بار جي صدر چيو ته عدالتي فيصلي تي تنقيد ٿيڻ گهرجي پر ججن خلاف هٿ ٺوڪيون ڪهاڻيون نه ٺاهيون وڃن، جنهن تي جسٽس محمد علي مظهر چيو ته ٽي وي لاءِ پيمرا جو ضابطه اخلاق موجود آهي پر يوٽيوب جو ڪوڊ ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ ناهي. سپريم ڪورٽ اٽارني جنرل کان صحافين خلاف ڪيسن جا تفصيل طلب ڪندي چيو ته ٻڌايو ته مطيع الله جان، اسد طور، عامر مير ۽ شفقت عمران کانسواءِ ٻيا ڪهڙا ڪيس آهن، صحافين خلاف جيڪي داخل ڪيس آهن رڪارڊ ڏنو وڃي، جيڪي صحافين ايف آءِ آرز داخل ڪرايون تن جو به سمورو رڪارڊ ڏنو وڃي، ڊي جي ايف آءِ اي ۽ آءِ جي پوليس جهڙن آفيسرن کان تفصيل ورتا وڃن. عدالت صحافين کي هيسائڻ بابت پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪندي وفاقي حڪومت کي صحافين تي تشدد خلاف رپورٽ ٻن هفتن اندر پيش ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي………..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
25.1 ° C
25.1 °
25.1 °
50 %
2.3kmh
0 %
خميس
33 °
جمعو
33 °
ڇنڇر
29 °
آچر
32 °
سُومر
31 °

تازه ترين خبرون