- Advertisement -
سپريم ڪورٽ جي سينيئر ترين جج جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس اطهر من الله کانپوءِ لاهور هائيڪورٽ جي جج جسٽس شمس محمود استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.
جسٽس شمس محمود مرزا پنهنجي استعيفيٰ صدر آصف علي زرداري کي اماڻي ڇڏي، هو پنهنجي چيمبر ۾ آيو ۽ چيمبر خالي ڪري بنا پروٽوڪول جي واپس روانو ٿي ويو.
سينيارٽي ۾ پنجين نمبر تي موجود شمس محمود مرزا طرفان استعيفيٰ جو سبب ذاتي مسئلو قرار ڏنو ويو.
جسٽس شمس محمود مرزا 22 مارچ 2014ع تي لاهور هائيڪورٽ ۾ ايڊيشنل جج جي حيثيت ۾ قسم کنيو، هو 2028ع ۾ رٽائر ٿيڻو هو.
جسٽس شمس محمود مرزا سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي جج جسٽس ضيا محمود مرزا جو پٽ آهي.- Advertisement -
