سپريم ڪورٽ فوجي عدالتن بابت ڪيس جي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي

- Advertisement -
سپريم ڪورٽ فوجي عدالتن بابت ڪيس جي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي،  عدالت رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته آئين ۾ اختيارن جي ورڇ بلڪل واضح آهي، آئين ۾ واضح آهي ته ايگزيڪٽو عدليه جو ڪردار ادا نه ٿو ڪري سگهي، جيڪڏهن شهري آرمي ايڪٽ ۾ داخل ٿيل ڏوهه ڪندو ته فوجي ٽرائل ٿيندو، فوجي عدالتن جو معاملو آئين جي آرٽيڪل 175 کان الڳ آهي، ڪو شهري روڪڻ باوجود فوجي چوڪي وٽ ويندو ته ڇا ٿيندو. جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ ست رڪني بئنچ فوجي عدالتن ۾ سويلين جي ٽرائل بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي جي شروعات تي سپريم ڪورٽ چونڊن ۾ ڌانڌلي سميت آئيني بئنچ جي ٻين ڪيسن جي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي. ٻڌڻي دوران رمارڪس ڏيندي جسٽس امين الدين خان چيو ته آئيني بئنچ ۾ رڳو فوجي عدالتن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي ويندي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
19.3 ° C
19.3 °
19.3 °
48%
0.7m/s
99%
آچر
29 °
سُومر
31 °
اڱارو
32 °
اربع
31 °
خميس
30 °

تازه ترين خبرون