تازه ترين

سڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪامياب ڪارروائي

- Advertisement -
ڪراچي ۾ سڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪارروائي دوران پابندي مڙهيل ٽي ٽي پي جو  وڏو نيٽ ورڪ پڪڙو ويو. گرفتار ڪيل دهشتگرد ڪراچي ۾ دهشتگردي جي وڏي ڪارروائي جي منصوبا بندي ڪري رهيا هئا. ڳجهن ادارن وقت سر ڪارروائي ڪندي ٽي ٽي پي جي هڪ ڪمانڊر سميت 17 دهشتگردن کي گرفتار ڪري ورتو. گرفتار ڪيل دهشتگرد سياستدانن جي ٽارگيٽ ڪلنگ، ڀتا خوري ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن مٿان حملن ۾ملوث هئا. گرفتار ڪيل دهشتگردن کي افغانستان مان ٽي ٽي پي جي قيادت جي سرپرستي ۾ مدرسي ۾ طالب علم جي روپ ۾ منظم ڪيو ويو هو. گرفتار دهشتگرد 2007ع کان 2014ع تائين ٽي ٽي پي نيٽ ورڪ جو حصو هئا ۽ سوات ۽ مالا ڪنڊ ۾ مختلف اين جي اوز ۽ سڪيورٽي فورسز مٿان حملن ۾ ملوث هئا. دهشتگرد ڪراچي ۾ فرقيوراڻي، نسلي وڳوڙن ۽ سياستدانن جي ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ به ملوث هئا. افغانستان ۾ ٽي ٽي پي جي اعليٰ قيادت لاءِ اهو نيٽ ورڪ ڀتا خوري ۽ اغوا ذريعي فنڊ جمع ڪندو هو. انهن نيٽ ورڪ جي مدرسي ۾ آپگهاتي بمبارن کي به پناهه ڏني هئي، جن کي افغانستان مان ڪراچي ۽ملڪ جي ٻين علائقن ۾ دهشتگردي جي سرگرمين ۾ استعمال ٿيڻو هو. حساس هنڌن، اعليٰ سطحي عهديدار ۽ملٽي نيشنل ڪمپنين جي مالڪن، ملازمن ۽ واپارين کان ڀتي جي وصولي لاءِ ان نيٽ ورڪ کي استعمال ڪيو ويو. سڪيورٽي فورسز ۽قانون لاڳو ڪندڙ ادارا پاڪستاني عوام جي حمايت سان دهشتگردن جي منصوبن کي خاڪ ۾ ملائڻ لاءِ پرعزم آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
23.9 ° C
23.9 °
23.9 °
62 %
0.6kmh
100 %
آچر
24 °
سُومر
29 °
اڱارو
29 °
اربع
30 °
خميس
32 °

تازه ترين خبرون