- Advertisement -
سينيئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ جي هدايت تي وڌيڪ ڀاڙو وٺندڙ ٽرانسپورٽرن خلاف ڪارروايون جاري آهن.
پراونشل ٽرانسپورٽ اٿارٽي سنڌ جي عملدارن پاران 109 بسن جي چيڪنگ ڪئي وئي آهي.
ٽرانسپورٽ اٿارٽي جي سيڪريٽري اميت ڪمار جو چوڻ آهي ته بسن جي چيڪنگ دوران وڌيڪ ڀاڙو وٺندڙ ٽرانسپورٽرن مٿان ڏنڊ مقرر ڪيو ويو آهي.
هن چيو ته مجموعي طور 3 لک 86 هزار رپيا ٽرانسپورٽرن کان ڏنڊ جي مد ۾ وصول ڪري مسافرن کي واپس ڪئي وئي.
سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ عيد جي موقعي تي وڌيڪ ڀاڙو وٺندڙ ٽرانسپورٽرن خلاف سخت ڪارروائي جي هدايت ڪئي وئي آهي.- Advertisement -
