- Advertisement -
قانون واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته شيخ مجيب جي وڊيو اپلوڊ ڪرڻ واري معاملي تي قانون پنهنجو رستو پاڻ ٺاهيندو، کين ڪجهه به ناهي ڪرڻو پي ٽي آءِ پاڻ تي پاڻ پابندي مڙهي رهي آهي.
اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي اعظم نذير تارڙ چيو ته قانون سڀني لاءِ برابر هجڻ گهرجي، تحريڪ انصاف وارا انٽرا پارٽي اليڪشن نه پيا ڪرائن، جنهن ڪري هنن پنهنجو چونڊ نشان وڃايو.
هن چيو ته تيل جي اگهن واري معاملي تي ڇا ٿيو، خبر ناهي، رٽائرڊ ججن تي ٻڌل ٽربيونل قائم ڪرڻ وقت جي ضرورت آهي.
اعظم نذير تارڙ چيو ته سماج ۽ رويين ۾ تبديلي هڪ دم نه پر آهستي آهستي ٿيندي آهي.
وفاقي وزير چيو ته جسٽس رٽائرڊ تصدق جيلانيءَ سوچي سمجهي پاڻمرادا نوٽيس ورتا، هو کيس ڀيٽا پيش ڪري ٿو، هن اقليتن جي معاملي تي پاڻمرادا نوٽيس ورتا، قومي جهڻڊي جي هيٺان سڀني کي هڪ هجڻ گهرجي.
اعظم نذير تارڙ چيو ته عدم برداشت جو ڪلچر سڀني لاءِ تڪليف جوڳو آهي، وزيراعظم اقتدار سنڀاليو ته کيس التوا هيٺ مسئلا حل ڪرڻ جي هدايت ڪئي، معاشري ۽ سماج ۾ رَوَين جي تبديليءَ جي ضروري آهي، مذهبي ڀائيچاري بابت پاڪستان ۾ اهڙو ڪجهه به نه هو جيڪو افغان جنگ کانپوءِ مليو………..- Advertisement -
