شڪارپور جي عدالت قتل ڪيس ۾ پنجن جوابدارن کي عمر قيد ۽ ڏنڊا جي سزا ٻڌائي ڇڏي

- Advertisement -
شڪارپور جي عدالت قتل ڪيس ۾ پنجن جوابدارن کي عمر قيد ۽ ڏنڊا جي سزا ٻڌائي ڇڏي. فرسٽ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج طارق احمد ڀٽي جي عدالت قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي پنجن جوابدارن عمر فاروق، غلام رسول، غلام نبي، عبدالنبي ۽ غلام مرتضيٰ آرائين کي سزا ٻڌائي. عدالت پاران پنجن ئي جوابدارن تي پنج پنج لک رپيا ڏنڊ به وڌو ويو. عدالت ٻن جوابدارن عمر فاروق ۽ غلام نبي آرائين کي ھٿيار رکڻ جو ڏوھه ثابت ٿيڻ تي ڏهه ڏهه سال قيد ۽ 80 ھزار رپيا ڏنڊ جي سزا پڻ ٻڌائي. اڍائي سال اڳ جوابدارن رستم چوڪ تي ذوالفقار آرائين کي گوليون ھڻي قتل ڪيو ھو. پنج ئي جوابدار ضمانت تي آزاد ھئا ۽ اڍائي سالن کان ڪيس عدالت ۾ ھلي رھيو ھو. عدالت جي اھڙي فيصلي بعد جوابدارن کي سينٽرل جيل سکر منتقل ڪيو ويو…….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
7 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
25.9 ° C
25.9 °
25.9 °
20%
1.7m/s
0%
جمعو
29 °
ڇنڇر
28 °
آچر
29 °
سُومر
26 °
اڱارو
25 °

تازه ترين خبرون