- Advertisement -
شڪارپور ڀرسان ناپر ڪوٽ ٿاڻي جي حد مان هٿياربند ٽن ڳوٺاڻن کي اغوا ڪري ويا.
ڪنڌڪوٽ انڊس ھاء وي ڀرسان بيگاري ڪئنال وٽان ھٿياربند ڳوٺ يار محمد بجاراڻي واسي نواب علي عرف بابو پٽ علي محمد بجاراڻي، مشتاق پٽ عزيز الله بجاراڻي ۽ نظير احمد پٽ منظور بجاراڻي کي اغوا ڪري ويا.
ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته ٽئي نوجوان ڪرمپور شھر کان شام جو پنھنجي ڳوٺ يار محمد بجاراڻي واپس اچي رھي ھئا ته بيگاري ڪئنال ويجھو اغوا ٿي ويا.
ھنن ٻڌايو ته نوجوان رات ٿي وڃڻ باوجود گھر نه پھتا ته ڳولا بعد سندن جتيون ۽ ٻيو سامان بيگاري ويجھو مليو جنھن بعد حد جي ٿاڻي تي اطلاع ڪيو پر پوليس ڏوھارين جو پيرو به نه کنيو.
ھنن دانھيو ته هو مسڪين ماڻھو آھيون سندن نوجوانن کي ٽارگيٽ ڪري اغوا ڪيو ويو آھي جيڪڏھن نوجوان واپس نه ٿيا ته انڊس ھاء وي بلاڪ ڪندا.
ٻئي پاسي ناپر ڪوٽ پوليس جو چوڻ آھي آھي ته ڳوٺاڻن نوجوانن جي اغوا جو اطلاع ڏنو آھي رات ھجڻ سبب ڏوھارين جو پيڇو ڪرڻ ۾ ڏکيائيون پيش اچي رھيون آھن.
پوليس موجب، واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪري نوجوانن کي جلد بازياب ڪرايو ويندو.- Advertisement -
