- Advertisement -
صدر آصف علي زرداري ترڪ هم منصب رجب طيب اردگان سان ملاقات ڪئي آهي.
صدر آصف علي زرداري پرتگال جي دوري دوران ترڪي ۾ مختصر قيام ڪيو.
صدر آصف زرداري استنبول ايئرپورٽ تي ترڪ صدر رجب طيب اردگان سان ملاقات ڪئي.
ترڪي جي پرڏيهي وزير هاڪان فيدان صدر جو استقبال ڪيو.
ٻنهي صدرن پاران ملاقات دوران خوشگوار موڊ ۾ ڳالهيون ڪيون ويون.
ٻنهي هم منصب ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
صدر زرداري پرنس ڪريم آغا خان جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪرڻ لاءِ پرتگال جي دوري تي آهي.- Advertisement -
