- Advertisement -
صدر آصف علي زرداري ۽ جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان وچ ۾ ملاقات ٿي آهي.
صدر مملڪت آصف علي زرداري، ملاقات لاءِ اسلام آباد ۾ مولانا فضل الرحمان جي رهائش گاهه پهتو، جتي مولانا سندس آجيان ڪئي.
ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ملاقات دوران ملڪ جي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
ذريعن موجب ملاقات ۾ ايندڙ هفتي ٿيندڙ امڪاني قانون سازيءَ تي به صلاح مشورا ڪيا ويا.
آصف علي زرادريءَ مولانا فضل الرحمان کي بندوق جو تحفو پڻ پيش ڪيو.
وفاقي ڪسر 28 آگسٽ تي پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس گهرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ان لاءِ قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ميمبرن کي آگاهه ڪيو ويو آهي.- Advertisement -
