صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف جمهوريت جي عالمي ڏينهن تي آئين، جمهوريت ۽ قانون جي حڪمراني لاءِ پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو

- Advertisement -
صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف جمهوريت جي عالمي ڏينهن تي آئين، جمهوريت ۽ قانون جي حڪمراني لاءِ پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. جمهوريت جي عالمي ڏينهن تي صدر آصف علي زرداري پنهنجي پيغام ۾ چيو ته قوم کي پيش ايندڙ موجوده چئلينجن جو حل متحرڪ ۽ فعال جمهوري عمل ۾ آهي. سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۾ جمهوريت کي مضبوط ڪرڻ لاءِ جمهوري ادارن کي مضبوط ڪرڻ، ضروري سڌارا ڪرڻ ۽ اجتماعي طور تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر آصف علي زرداري چيو ته مصنوعي ذهانت، شفافيت کي وڌائڻ، احتساب ۽ سرڪاري انتظاميا جي استعداد ڪار کي وڌائڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿي. جمهوريت جي عالمي ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته  هو جمهوريت جي مضبوطي ۽ هٿي وٺرائڻ جي عزم جو وچن ورجائن ٿا. سندس چوڻ هو ته حڪومت جو آئيني قدرن جي پاسداري، جمهوريت ۽ انساني حقن جي تحفظ جو عزم غير متزلزل آهي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته جمهوري قدرن تي عمل ڪرڻ سندن قومي طرز عمل جو ثبوت آهي، منصفاڻي، برابري ۽ گڏيل عالمي معاشري جي قيام جي ڪوششن جو عزم ڪن ٿا……..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
24.5 ° C
24.5 °
24.5 °
27%
2m/s
0%
جمعو
24 °
ڇنڇر
30 °
آچر
31 °
سُومر
31 °
اڱارو
30 °

تازه ترين خبرون