تازه ترين

عالمي بئنڪ  بجلي ۽ گئس جي اگهن ۾ اضافي ۽ پينشن سڌارن جو مطالبو ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
عالمي بئنڪ  بجلي ۽ گئس جي اگهن ۾ اضافي ۽ پينشن سڌارن جو مطالبو ڪري ڇڏيو،  عالمي بئنڪ جو چوڻ آهي ته پيشن سڌارن جو منصوبو تيار ۽ لاڳو ڪرڻ لاءِ قدم کنيا وڃن،  بجلي ۽ گئس جي شعبن ۾ وڌندڙ گردشي قرضن کي محدود ڪرڻ جي ضرورت آهي، غريبن کي سوشل پروٽيڪشن کي وڌائي تحفظ فراهم ڪيو وڃي. ورلڊ بئنڪ پاڪستان ڊولپمينٽ اپڊيٽ ۾ پينشن سڌارن بابت وفاقي ۽ صوبائي پبلڪ سيڪٽر جي پينشن سان پيدا ٿيندڙ مالي ٻوجهه کي گهٽائڻ لاءِ فوري طور تي سڌارا متعارف ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي. ورلڊ بينڪ موجب، پينشن سڌارن واري منصوبي کي تيار ۽ لاڳو ڪرڻ لاءِ شروعاتي قدم کنيا وڃن ته جيئن ڊگهي مدي واري مالي استحڪام کي يقيني بڻائي سگهجي،  پبلڪ سيڪٽر جي معاوضي کي معقول بڻائڻ لاءِ سڌارن واري منصوبي تحت شروعاتي قدم کنيا وڃن. عالمي بئنڪ بجلي ۽ گيس سيڪٽر ۾ قيمتن ۾ سڌارا آڻڻ جو به مطالبو ڪيو آهي ته جيئن بجلي ۽ گيس جي شعبي ۾ وڌندڙ گردشي قرضن کي محدود ڪريس گهجي ۽ غريبن جو سوشل پروٽيڪشن وڌائي تحفظ ڏنو وڃي. پرسنل انڪم ٽيڪس جي روينيو سڌارن بابت ورلڊ بينڪ پگهاردار ۽ غير پگهاردار ملازمن لاءِ اسڪيمن کي ترتيب ڏئي ڪري مونجهاري کي گهٽ ڪرڻ لاءِ ذاتي انڪم ٽيڪس جي نظام ۾ سڌاران جو به مطالبو ڪيو آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
25.8 ° C
25.8 °
25.8 °
17 %
1.3kmh
0 %
ڇنڇر
26 °
آچر
31 °
سُومر
33 °
اڱارو
33 °
اربع
32 °

تازه ترين خبرون