- Advertisement -
غزه تي اسرائيلي حملن جو سلسلو جاري آهي، گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 49 فلسطيني شهيد ۽ 75 کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن.
عرب ميڊيا موجب، اسرائيلي فوج غزه پٽي جي ڪيترن ئي هنڌن تي حملا ڪيا، نصيرات ڪيمپ تي اسرائيلي حملي ۾ 3 ڄڻا شهيد ۽ 40 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
عرب ميڊيا جي رپورٽ موجب، خان يونس جي علائقي المواسي ۾ ڪيترائي ٻار به شهيد ٿيا.
رپوٽن موجب، هزارين بي گهر فلسطيني رت ڄمائيندڙ ٿڌ ۾ خيمن ۾ رهڻ تي مجبور آهن جڏهن ته هائپو ٿرميا سبب هن وقت تائين 8 ٻار فوت ٿي چڪا آهن.
عرب ميڊيا موجب، 7 آڪٽوبر 2023 کان هن وقت تائين اسرائيلي حملن ۾ شهيدن جو انگ انگ 45 هزار 854 ٿي ويو جڏهن ته هڪ لک 9 هزار 139 فلسطيني زخمي ٿي چڪا آهن.
هوڏانهن گڏيل قومن جي انساني حقن جي آفيس جو چوڻ آهي ته اسرائيلي فوج اتر غزه جي پٽي ۾ باقي حصن کان مڪمل طور تي الڳ ڪري رهي آهي- Advertisement -
