- Advertisement -
غزه ۾ اسرائيلي حملن ۾ وڌيڪ 66 فلسطيني شهيد ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا آهن.
فلسطيني ميڊيا جو چوڻ آهي ته 7 آڪٽوبر 2023 کان اسرائيلي حملن ۾ شهيدن جو مجموعي انگ 34 هزار 450 کان وڌي ويو آهي جڏهن ته 77 هزار 575 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي چڪا آهن.
ٻئي پاسي قطر ۽ مصر طرفان غزه جنگ بندي جون ڪوششون جاري آهن.
حماس جو وفد اڄ قاهره ۾ جنگ بندي تجويزن تي پنهنجو جواب ڏيندو.
هوڏانهن امريڪي قومي سلامتي جي ترجمان جان ڪربي چيو آهي ته رفح تي حملي کان اڳ اسرائيل امريڪي خدشا ٻڌندو.
هن چيو ته امريڪا بنا منصوبابندي جي رفح آپريشن جي حمايت نٿو ڪري سگھي، جيستائين خدشا ختم نه ٿيندا اسرائيل آپريشن نه ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي.
هن وڌيڪ چيو ته امريڪي پرڏيهي وزير ايندڙ هفتي کان وچ اوڀر جو دورو ڪري رهيو آهي، انٽوني بلنڪن رفح آپريشن بابت اسرائيلي عملدارن سان ملاقاتون ڪندو.
سندس وڌيڪ چوڻ هو ته غزه ۾ عارضي جنگ ندي انٽوني بلنڪن جي ٽاپ ايجنڊا آهن، هو گھٽ ۾ گھٽ 6 هفتن جي جنگ بندي چاهين ٿا.- Advertisement -
