- Advertisement -
غوثپور ويجهو هٿياربندن پاران ويگن بيهاري مسافرن کان ڦرلٽ ڪري فرار ٿي ويا.
مين انڊس هاءِ وي تي ملان مينهون لاڙي وٽان ڪنڌڪوٽ کان لاڙڪاڻي ويندڙ مسافر ويگن کي 4 هٿياربندن روڪي مسافرن کان هزارين رپيا روڪ رقم، 10 کان وڌيڪ موبائل فون ۽ ٻيو سامان ڦري فرار ٿي ويا.
ڦر واري واقعي خلاف مسافرن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي روڊ بند ڪري ڇڏيو، جنهن سبب ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي.
مسافرن مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي گرفتار ڪري ڦر ٿيل سامان واپس ڪرايو وڃي.
پوليس ڌرڻي واري هنڌ پهچي متاثر مسافرن کي جوابدار گرفتار ڪرڻ جي خاطري ڪرائي روڊ کولرايو.- Advertisement -
