تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

غوثپور ۾ جي يو آءِ جي سڏ تي بدامني ۽ ڦر واقعي خلاف شٽربند هڙتال ڪري احتجاجي مظاهرو

- Advertisement -
غوثپور ۾ جي يو آءِ جي سڏ تي بدامني ۽ ڦر واقعي خلاف شٽربند هڙتال ڪري احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. شهر ۾ هڙتال سبب ننڍا وڏا ڪاروباري مرڪز مڪمل طور بند رهيا جڏهن ته جي يو آءِ جي سڏ تي سيد سهيل شاهه، سائين بخش، سعد الله اوڳاهي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي وئي. ڌرڻي سبب مختلف شهرن ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي. احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ٽي ڏينهن اڳ هٿياربند هٿيارن جي زور تي ٽن واپارين کان لکين رپيا روڪ رقم، موبائل فون ۽ ٻيو سامان ڦر ڪري ويا هئا. هنن چيو ته ڪشمور ضلعي کي ڏوهارين جي رحم ڪرم تي ڇڏيو ويو آهي جڏهن ته پوليس امن امان قائم ڪرائڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي وئي آهي. احتجاج ڪندڙن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته بدامني تي ضابطو آڻي واپارين کان ڦر ٿيل سامان واپس ڪرائي بيچيني ختم ڪئي وڃي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
18.5 ° C
18.5 °
18.5 °
48 %
1.7kmh
62 %
جمعو
30 °
ڇنڇر
31 °
آچر
28 °
سُومر
26 °
اڱارو
26 °

تازه ترين خبرون