قمبر ڀرسان ٻه معصوم ڀائر پاڻي جي کڏ ۾ ڪِري ٻڏي فوت

- Advertisement -
قمبر ڀرسان ٻه معصوم ڀائر پاڻي جي کڏ ۾ ڪِري ٻڏي فوت ٿي ويا آهن. ڳوٺ علي شير شابراڻي ۾ 2 سڳا ڀائر ستن ورهين جو عبدالقوي ۽ پنجن ورهين جو عبدالحڪيم چانڊيو گهرن ڀرسان پاڻي جي کڏ ۾ ٻڏي ويا. وارثن ٻنهي ڀائرن کي پاڻي جي کڏ مان ڪڍي اسپتال پهچايو جتي ڊاڪٽرن فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي. اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا. ستن ورهين جي عبدالقوي ۽ پنجن ورهين جي عبدالحڪيم چانڊئي جا لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. فوتي نينگرن جي والد ٻڌايو ته عبدالقوي ۽ عبدالحڪيم گهر ٻاهران راند ڪندي پاڻي جي کڏ ۾ ڪِري پيا بروقت پاڻي مان ڪڍي اسپتال آندو پر ڊاڪٽرن موجب ٻئي ٻارڙا فوت ٿي چڪا آھن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
31.7 ° C
31.7 °
31.7 °
27%
3m/s
9%
ڇنڇر
31 °
آچر
33 °
سُومر
32 °
اڱارو
31 °
اربع
32 °

تازه ترين خبرون