- Advertisement -
قومي راڳي ٻيجل سنڌي کي ٽنڊي محمد خان ۾ سوين آلين اکين سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.
ٻيجل سنڌي ڳلي جي ڪينسر سبب ٽنڊي محمد خان جي اسپتال ۾ زندگي جي جنگ هارائي ويو.
اسپتال مان قومي راڳي ٻيجل سنڌي جو مڙهه سندس گهر پهچايو ويو ته روڄ راڙو مچي ويو ۽ ماحول سوڳوار بڻجي ويو.
ٻيجل سنڌي جي جنازي نماز ۾ سنڌ جي قومپرست سياسي ۽ ادبي تنظيمن جي اڳواڻن توڙي قومي ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد ٻيجل سنڌي جو مڙهه هزارين آلين اکين سان اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.
قومي راڳي ٻيجل سنڌي جي آخري سفر ۾ شامل قومپرست اڳواڻن، ڊاڪٽر دودو مهيري، نوازشاهه ڀاڏائي، محمد راحمون، ثمر جتوئي، ايم پي اي سيد اعجاز حسين شاھ بخاري ۽ ٻين سندس وڇوڙي کي سنڌ جي راڳ لاءِ وڏو سانحو قرار ڏنو آهي.
ٻي طرف سنڌي ادبي سنگت طرفان ٻيجل سنڌي جي وڇوڙي تي سڄي سنڌ ۾ سوڳ ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.- Advertisement -
