- Advertisement -
مرزا پور ويجهو نوجوان گهر ۾ بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو آهي.
ڳوٺ توربند جي رھواسي 18 ورهين جي غازي پٽ فيض محمد کي گهر اندر پکي جي تار مان ڪرنٽ لڳو جيڪو بيهوش ٿي ويو.
وارثن نوجوان کي بيهوشي واري حالت ۾ لکي غلام شاهه جي اسپتال پهچايو جتي ڊاڪٽرن فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي.
اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.
18 ورهين جي غازي جو مڙهه گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.- Advertisement -
