- Advertisement -
ملير جي اسٽيل ٽائون ٿاڻي جي پوليس بروقت ڪارروائي ڪري سي سي ٽي وي فٽيجز جي مدد سان هڪ ڦورو کي گرفتار ڪري هٿيار ۽ موبائل فون هٿ ڪري ورتي آهي.
آچر ڏينهن گلشن حديد جي ايل ٿري مارڪيٽ ۾ ٽن جوابدارن ڦر دوران فائرنگ ڪئي هئي.
فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ ٻارڙو عبدالنبي ۽ شهري حنيف زخمي ٿي پيا هئا جن جو ڪيس اسٽيل ٽائون ٿاڻي جي داخل ڪيو ويو.
اسٽيل ٽائون ٿاڻي جي پوليس سي سي ٽي وي فٽيجز ۽ ٽيڪنيڪل بنيادن تي ڪارروائي ڪندي جوابدار سيد شهزاد شاهه پٽ منظور علي شاهه کي گرفتار ڪري ورتو.
پوليس جوابدار وٽ هڪ پسٽل، گوليون ۽ موبائل فون هٿ ڪري ورتي.
جوابدار کي سي سي ٽي وي فٽيجز ۾ فائرنگ ڪندي ڏسي سگهجي ٿو.
پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار جاچ دوران گلشن حديد، شاهه ٽائون ۽ بن قاسم جي علائقن ۾ به وارداتن جو انڪشاف ڪيو آهي.
پوليس موجب، جوابدارن جي ٻين ٻن ساٿين جي گرفتاريءَ لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن ۽ گرفتار جوابدار کي وڌيڪ جاچ لاءِ جاچ اختيارين حوالي ڪيو ويو آهي……..- Advertisement -
