تازه ترين

ملڪ جي مختلف شهرن مان غيرقانوني طور ترسيل افغان شهرين جي وطن واپسي جو سلسلو جاري

- Advertisement -
ملڪ جي مختلف شهرن مان غيرقانوني طور ترسيل افغان شهرين جي وطن واپسي جو سلسلو جاري آهي جڏهن ته عورتن ۽ ٻارن سميت وڌيڪ 944 غيرقانوني طور ترسيل افغان شهري پنهنجي ملڪ هليا ويا جنهن بعد هن وقت تائين مجموعي طور 4 لک 64 هزار 656 افغان شهري پنهنجي ملڪ وڃي چڪا آهن. سرڪاري انگن اکرن موجب، 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 944 غيرقانوني طور ترسيل افغان شهري پنهنجي ملڪ هليا ويا، واپس ويندڙن ۾ 189 مرد، 157 عورتون ۽ 588 ٻارڙا شامل آهن. افغانستان روانگي لاءِ 45 گاڏين ۾ 84 خاندانن جي وطن واپسي عمل ۾ آندي وئي. وفاقي حڪومت جي اعلان کان اڳ غيرقانوني افغان شهري گهڻي انگ ۾ گرفتاري جي خوف کان واپس افغانستان ويندا رهيا جڏهن ته سرڪاري انگن اکرن موجب هن وقت تائين مجموعي طور 4 لک 64 هزار 656 افغان شهري پنهنجي ملڪ وڃي چڪا آهن. ڪراچي سميت ٻين شهرن ۾ غيرقانوني طور ترسيل ماڻهن جو وڏو انگ موجود هو جنهن سبب سمگلنگ ۽ ڀتاخوري سميت ٻيا سنگين ڏوهه عام هئا جڏهن ته حڪومت ۽ عسڪري قيادت جي گڏيل ڪوششن سان ملڪ مان غيرقانوني طور ترسيل ماڻهن جي نيڪالي جو سلسلو جاري آهي………..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
31.1 ° C
31.1 °
31.1 °
8 %
3.5kmh
100 %
اڱارو
30 °
اربع
37 °
خميس
36 °
جمعو
34 °
ڇنڇر
31 °

تازه ترين خبرون