- Advertisement -
پيپلزپارٽي هڪ ڀيرو ٻيهر وفاق ۾ 17 وزارتون ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، پ پ اڳواڻ شازيه مري جو چوڻ آهي ته ملڪ کي سياسي ۽ معاشي استحڪام جي ضرورت آهي.
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پ پ اڳواڻ شازيه ماري چيو ته ، پ پ 17 وزارتون ختم ڪري اختيار صوبن حوالي ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي آهي.
هن چيوته بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي تقرير ۾ معاشي روڊ ميپ پيش ڪيو، وزيراعظم شهباز شريف کي پ پ جي تجويزن تي عمل ڪرڻ گهرجي.
پيپلز پارٽي جي اڳواڻ شازيه مري چيو آهي ته هو وفاقي حڪومت جو حصو ناهن، رڳو آئيني عهدن لاءِ چونڊون وڙهي رهيا آهيون.
هن وڌيڪ چيو ته مهانگائي ۽ بيروزگاري سبب عوام پريشان آهي، ڊبل وزارتن جي چڪر ۾ 3 سئو 28 ارب رپيا خرچ ٿي رهيا آهن، اهو پئسو عوام تي خرچ ڪرڻ گهرجي.
شازيه مري چيو ته ايف بي آر جي ڪارڪردگي مايوس ڪندڙ آهي، هاڻي وقت اچي ويو آهي ته ايف بي آر کي بهتر ڪيو وڃي.
هن چيو ته وزيراعظم پي آءِ اي بابت تجويز ڏئي ڇڏي آهي، بلاول ڀٽو چيو ته سندن تجويزن تي عمل ڪيو وڃي ها ته اهڙي صورتحال پيدا نه ٿي ها، ادارن کي وڪرو ڪرڻ مسئلن جو حل ناهي، جيڪڏهن انهن وٽ ڪو پلان آهي ته پ پ کي ٻڌايو وڃي.- Advertisement -
