- Advertisement -
اڳوڻي وفاقي وزير سيد خورشيد احمد شاھ چيو آھي ته ملڪ ۾چونڊون نه ٿيون ته عوام جو وڏو نقصان ٿيندو، پنوعاقل جو عوام جنھن کي لائق سمجھي ان کي ووٽ ڏئي.
پنوعاقل ۾ جلسي کي خطاب ڪندي پ پ اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاھ چيو ته جيڪو سياستدان ڏک سک ۾ عوام سان گڏ ھوندو آھي عوام ان کي ڪڏھن ناھي ڇڏيندو.
سندس چوڻ ھو ته سياست ۾ 56 سال ٿيا آھن، پر حڪومت اھا ھجڻ گھرجي جيڪا عوام جي ووٽ سان چونڊجي اچي .
اڳوڻي وفاقي وزير چيوته کين اقتدار جي بک نه آهي، ھو مھانگائي ۽ بيروزگاري ختم ڪرڻ چاهن ٿا.
هن چيو ته پيپلزپارٽي جي قيادت عوام ۽ جمهوريت لاءِ جان جي قرباني ڏني، سندن ليڊرن جي قرباني ورڪرن لاءِ نه پر عوام لاءِ ھئي.
سيد خورشيد شاھه وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ سمورا وسيلا موجود آھن، پر وسيلا ڪتب آڻڻ لاءِ پ پ کي ڪڏهن ته صحيح نموني اقتدار ناھي مليو، ڇاڪاڻ ته 76 سالن ۾ 40 سال ملڪ ۾ مارشلا رھي آھي.
هن چيو ته بينظير انڪم سپورٽ ڪارڊ کان اڳ ملڪ ۾ 76 سيڪڙو ماڻھن جا سڃاڻپ ڪارڊ ٺھيل ھيا جيڪي ھاڻي 96 سيڪڙو ٿي ويا آهن.- Advertisement -
