- Advertisement -
موسميات کاتي اڄ کان ڪراچي جو موسم تبديل ٿيڻ جي اڳڪٿي ڪندي تيز هوائون گھـُلڻ جو امڪان ظاهر ڪيو آهي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ اڄ تيز هوائون گھـُلي سگھن ٿيون، جڏهن ته خيبرپختونخوا، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ ڪٿي ڪٿي برسات ۽ جبلن تي برفباري جو امڪان آهي.
ملتان، لوڌران، خوشاب، ڊيرا مراد جمالي ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ برسات پوڻ کانپوءِ ٿڌ ۾ واڌ اچي وئي آهي.
ٻئي پاسي بلوچستان جي ضلعي دَکي ۾ برفباري جو 42 سالن جو رڪارڊ ٽٽي ويو، جڏهن ته سوين سولر پليٽن ۽ وڻن کي به نقصان پهتو آهي.- Advertisement -
