- Advertisement -
نصير آباد ۾ ٻن ڌرين ۾ ڪارنهن تڪرار تان جهيڙي جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.
چنھڙ ڳوٺ ۾ ڪارنهن تڪرار تان جتوئي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو.
فائرنگ جي نتيجي ۾ 25 ورهين جو نصر الله ۽ 60 ورهين جو مور جتوئي زخمي ٿي پيا.
ٻنهي زخمين کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لاڙڪاڻي جي اسپتال منتقل ڪيو ويو.
پوليس چنهڙ ڳوٺ ۾ پڪٽ قائم ڪري ورتي جڏهن ته ڪجهه ماڻهن جي گرفتار ٿيڻ جا اطلاع آهن.
12 اپريل تي جوابدار اسلم پنهنجي سئوٽ صبا کي ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪيو هو………..- Advertisement -
